چانديءَ جون تارون (ڪتاب)

چانديءَ جون تارون (ڪتاب)

چانديءَ جون تارون (ڪتاب)

چانديءَ جون تارون (ڪتاب): سنڌ جي مشهور، مقبول ۽ منفرد ڪهاڻيڪار خاتون ماهتاب محبوب جي چونڊ ۽ شاهڪار ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’چانديءَ جون تارون‘، سنڌو اشاعت گهر، ڪراچيءَ، 30 مئي 1970ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو. ماهتاب محبوب، ڪتاب جو انتساب، پنهنجي ڀيڻ آفتاب عباسيءَ جي نالي هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”پنهنجي پياري ڀيڻ آفتاب عباسيءَ جي نالي، جيڪا جدائيءَ جو داغ ڏيئي، اندر ۾ جهِير وجهي ۽ گوندر منجهه گڏي هلي وئي، جنهن کي مرحومه لکڻ جي سگهه نه ٿي ساري سگهان.“
هن ڪتاب ۾ ماهتاب محبوب جون سورهن ڪهاڻيون: عرش جون بلنديون، خيران، بليٽن، مان ئي وار وجود تي، روئي ڏنو رات، نڪ، ناسور، ڪارو نانگ، چانديءَ جون تارون، منزل، ڀوري وڇ، شڪي، واريءَ سندو ڪوٽ، سوڍا واٽر، پيلي قميص ۽ نيري شال شامل آهن.
ڪتاب جي ناشر تاج بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ ۾، هي پهريون ڀيرو آهي، جو ڪنهن جديد سنڌي ڪهاڻيڪار خاتون جي تخليقي ڪارنامي کي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ... ماهتاب محبوب جون هي ڪهاڻيون موضوع، ٽيڪنيڪ ۽ ٽريٽمينٽ جي لحاظ کان هڪ نئون ۽ انوکو تاثر رکن ٿيون. ڪهاڻين جي ڪردار نگاري بي مثال آهي. سندس ڪهاڻيون انساني معاشري جون عڪاس هئڻ سان گڏ جديد ڪهاڻيءَ جي جملي قدرن ۽ رجحانن جي تڪميل جي مڪمل صورت به آهن. ڪرائون سائيز جي 220 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي سادي ڪاغذ ۽ خوبصورت جلد جي قيمت ٽي روپيا ۽ اوچي ڪاغذ ۽ پڪي جلد جي قيمت ڇهه روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.05.30  عيسوي

ماهتاب محبوب جي چونڊ ۽ شاهڪار ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’چانديءَ جون تارون‘، سنڌو اشاعت گهر، ڪراچيءَ، 30 مئي 1970ع تي ڇپائي پڌرو ڪيو.



ڪتاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دولت علويه
جنگ جو اعلان
جنگ نامه ملا احمد سانوڻي قلمي
تاريخ جا ٻه ورق2
ڏکندو ڏور ٿئي
ٽم ٽم ٽانڊاڻا
ٿوهر منهنجو من
سنڌوءَ جي سفر جي ڪهاڻي
سنڌي ادب ۾ عورتن جو حصو
ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب
ڪتاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون